عرق النساءِ

عرق النساءِ

عرق النساءِ

عرق النساءِ (ڪُن رڳ جو سُور: (Sciatic Pain: ڪُن رڳ جو سُور چيلهه مان يا سٿر کان اُڀري سٿر ۽ گوڏي جو پويون پاسو ڏئي کُڙي يا پير جي تريءَ تائين ايندو آهي. جيڪڏهن سور تمام گهڻو هوندو آهي ته سچي ٽنگ، کُڙي يا پير سُن (Numb) ٿي ويندو آهي ۽ اُهو سور مٿان کان هيٺ لهڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن پيرن کان مٿي سٿر جو (ساڳيو) پويون حصو ڏئي ٻنڍڻ تائين ايندو آهي، پر هي سور گهڻو ڪري مٿان کان هيٺ لهندو آهي، جنهن سان چيلهه ۽ ڍونگري سخت ٿي ويندا آهن. سور گهٽ ٿيڻ تي ٽنگ ساڻي ۽ ڪمزور ٿيندي آهي.ڪُن رڳ ۾ سور ٿيڻ جا ڪيترائي بنيادي سبب آهن. جيئن چيلهه جي مهرن (vertebrae) ۾ ڊاهه ڊوهه جو عمل، دٻاءُ، مهرا پنهنجي جاءِ تان ٿڙڪي وڃن، يا انهن جي قدرتي بيهڪ (وڇوٽي) گهٽ ٿي وڃي ۽ مهرا هڪ ٻئي مٿان چڙهي وڃن، يا مهرن ۾ سَٽ (ڇڪ) اچڻ ڪري مهرا پنهنجي جاءِ ڇڏي اِنگهي پون، جنهن سبب چيلهه جي مهرن ۽ ونگري ۾ سور جي جنبش (Irritation) ٿيندي آهي، جنهن جو سنئون سڌو اثر ڪُن رڳ تي پوندو آهي، جيڪو ڪُن رڳ جي سور جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن ڪُن رڳ ۾ طبعي ڦيرڦار ڪري ڪُن رڳ جو قطر (Diameter) سوڙهو ٿيندو ويندو آهي. تنهن ڪري ڪُن رڳ ۾ رت جي گردش (Blookd Circulation) گهٽ ٿي ويندي يا بند ٿي ويندي آهي. جنهنڪري رت ڪن رڳ ۾ گڏ ٿي گهاٽو ٿي ويندو آهي، جيڪا صورتحال پڻ ڪُن رڳ جي سور جو سبب بڻبي آهي. عام طور تي اهو سور عورتن ۾ ٿيندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ مردن کي پڻ اهو سور پوندو آهي.


لفظ عرق النساءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو